ٿڌ سبب سنڌ صوبي ۾ پرائيويٽ اسڪول صبح ساڍي اٺين وڳي کولڻ جو اعلان

ٿڌ سبب سنڌ صوبي ۾ پرائيويٽ اسڪول صبح ساڍي اٺين وڳي کولڻ جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صوبائي تعليم کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي سخت لهر سبب اسڪول کولڻ جي شيڊول ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ سخت ٿڌ سبب اسڪولن جي وقتن ۾ تبديلي جو حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٿڌ سبب اسڪول صبح ساڍي اٺين وڳي کوليا ويندا.ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ انسپڪشن اينڊ رجسٽريشن پرائيويٽ اسڪول جي ايڊيشنل ڊائريڪٽرز رجسٽريشن پاران به حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو