ٿاڻو بولا خان ۾ روڊ حادثو، 2 عورتون فوت

ٿاڻو بولا خان ۾ روڊ حادثو، 2 عورتون فوت

ٿاڻو بولا خان (رپورٽر): ٿاڻو عارب خان بچاڻي لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون ٿڏي تي فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪار ڊرائيور سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن.مليل ڄاڻ موجب تيز رفتاريءَ جي ڪري ڪار جو توازن بگڙي ويو ۽ اها روڊ تان ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻه عورتون مسمات نوازان ۽ مسمات تاجل شهڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويون. حادثي ۾ ڪار ڊرائيور مير برهماڻي ۽ جمن شهڻو شديد زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ مقامي ماڻهن پهچي فوت ٿيل عورتن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو