ڳڙهي ياسين(ن س )دايا محلا جو نوجوان سهيل ڪاڪيپوٽو گذريل ڏينهن ڳڙهي ياسين کان ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ويندي رستي تان غائب ٿي ويو ڪافي ڳولا باوجود ڏس پتو نه پوڻ بعد سندس ماءُ افروز خاتون قرآن پاڪ کڻي ٿاڻي تي پهچي پوليس آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجو پٽ مونکي ڳوٺ مان کڻڻ اچي رهيون هو جنهن سان مون فون تي رابطو ڪيو پر ڪافي وقت گذرڻ بعد هن جو موبائل نمبر بند ملڻ ڪري ۽ هو ڳوٺ نه پهتو ته مون پنهنجي ڳوٺ ۽ مٽن مائٽن سميت ان جي دوستن کان پڇاڳاڇا ڪئي پر پنهنجي پٽ جو ڪو به ڏس پتو نه پيو مونکي شڪ آهي ته منهنجي پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي منهنجو اڪيلو پٽ آهي جنهن کي جلد بازياب ڪرايو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته سهيل ڪاڪيپوٽو گم ڪون ٿيو آهي، مليل معلومات مطابق هن جي مٿان قرض هجڻ ڪري هو پاڻ فرار ٿي ويو آهي جنهن کي جلد هٿ ڪيو ويندو.










