لاهور / ڪراچي (م ڊ): پيٽروليم شين تي ليوي ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي پاران چار ئي صوبائي گادي وارن شهرن (لاهور ۾ سي ايم هائوس جڏهن ته ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ گورنر هائوسز) جي ٻاهران شروع ڪيل ڌرڻا ٻئين ڏينهن به جاري آهن. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت پيٽرول جي قيمت گھٽائي 225 رپيا في ليٽر ڪري، ۽ مطالبات جي مڃتا تائين پرامن احتجاج ۽ ڌرڻا جاري رهندا. ڪراچي گورنر هائوس آڏو پڻ هزارين احتجاج ڪندڙ ۽ عورتون ڌرڻي واري هنڌ موجود آهن.










