پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور: (ن س) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. هيءَ متفرقه درخواست جوڊيشل ايڪٽوزم پينل جي طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ دائر ڪئي وئي. درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ بنا ڪنهن سبب جي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽجي چڪيون آهن. وفاقي حڪومت وٽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ردوبدل جو ڪو به نظام (مينيڪزم) ناهي، تنهنڪري استدعا آهي ته عدالت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٿيل تازي واڌ کي ڪالعدم قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو