پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽروليم ڊويزن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 13.80 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 13.18 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم ڊويزن موجب، ڊيزل جي نئين قيمت 323.30 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 310.71 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، قيمتن ۾ واڌ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.ٻئي طرف پيٽروليم ڊويزن پڻ پيٽروليم ليوي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب پيٽرول تي في ليٽر ليوي ۾ 9.64 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول تي في ليٽر ليوي 80 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اڳ ۾، پيٽرول تي ليوي 70.36 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي هئي. ڊيزل تي ليوي 70.82 رپيا في ليٽر ۽ مٽي جي تيل تي ليوي 20.36 رپيا في ليٽر تي برقرار آهي

پهنجو تبصرو موڪليو