اسلام آباد(بيورو)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران هڪ ٻي شرط پوري ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو فيصلو آءِ ايم ايف جي مطالبي تي 15 ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ فيصلو هفتيوار بنياد تي ٿي سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو مدو طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اثر عوام تي پوندو.










