اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 100 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب، وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جو بار عوام تي وجهڻ جو آخري فيصلو ڪيو آهي.رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته درآمدي قيمت جي مقابلي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 100 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل ۾ 200 رپين کان وڌيڪ جو فرق آهي.رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 100 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويندو.










