پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي معمولي قرار، 100 رپيا في ليٽر سستو ڪريو

پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي معمولي قرار، 100 رپيا في ليٽر سستو ڪريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي اميراڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي حڪومت طرفان پيٽرول 8 رپيا ۽ ڊيزل 5 رپيا سستو ڪرڻ واري اعلان کا ناڪافي قرار ڏيندي گهر ڪئي آھي تہ گهٽ ۾ گهٽ قيمتن ۾ 100 رپيا گهٽٽائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ھن اڄ ھڪ بيان۾چيوته وڌنڌڙڳاٽي ٽوڙمھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.اٽي ڀاڄين سميت عام واھپي وارين شين جا اگهه غريب ماڻهن جي پهچ کان پري ۽ آسمان سان ڳالھيو ڪري رھيا آھن.انڪري حڪومت اٽي ۾ لوڻ برابر ڪمي بدران گهٽ ۾ گهٽ 100 رپيا في ليٽر پيٽرول سستو ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.هن چيو ته مالياتي ادارن جي غلامي مان هاڻي ٻاهرنڪرڻ جي ضرورت آهي جن اسان کي پينو فقير۽ ملڪ قوم کي پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي مشن چيف کي جواب ڏيڻ وانگر حڪمران غيرت جو مظاهرو ڪن غلامي کان نجات ۽ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻن. سنڌ جي امير اھا پڻ گهر ڪئي ته پيٽرول قيمتن ۾ گهٽٽائي جو فائدو عوام کي ٽرانسپورٽ جي ٻاڙي توڙي عام واھپي وارين شين جي اگهن ۾ ڪمي جي صورت ۾ پهچائڻ لاءِ حڪومت اثرائتا اپاءُ کڻي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو