اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪمي ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ ڪمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيا 8 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا 45 پئسا في ليٽر ڪمي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 4 اگسٽ لاءِ هونديون.










