ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر شهرن م پيرا ميديڪل اسٽاف جي يونين جي سڏ تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي. ملازمن جي هڙتال سبب مريض پريشان رهيا. ملازمن جو مطالبو آهي ته سندن سروس اسٽرڪچر بحل ڪيو وڃي. ريڪوري ليٽر واپس ڪيا وڃن ۽ کين ٽائم اسڪيل ڏنو وڃي.

***ميرپورخاص مان سيدبشيرشاھ موجب ڪوٽ غلام محمد رورل هيلٿ سينٽر ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال ٻاهران ميڊيڪل اسٽاف چيئرمين ياسين آرائين,صدر پرسومل,لياقت آرائين لالا هارون لياقت خاصخيلي ڪمبها ڪولهي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

*** دڙو مان امداد ميمڻ موجب دڙو, ٻنون, لائقپور, ڪانڌڙا جي سرڪاري اسپتالن ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جوائنٽ ايڪشين ڪميٽي طرفان مطالبن جي مڃتا لاء او پي ڊي جو بائيڪاٽ, تالابندي ڪئي ۽ احتجاجي ڌرڻو هنيو. جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران علي رضا ڪڇي ميمڻ, يونس سومرو, محبوب چوھاڻ, آفتاب ڪانڌڙو, حسين شاھ, نجم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اسپتالن جي اوپي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن جي تالا بندي بعد احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته پيراميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي. ريڪوري ليٽر فوري ڪينسل ڪري پيراميڊيڪل اسٽاف کي رهيل 30 سيڪڙو پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي. ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي ٽائم اسڪيل ڏيڻ سميت سندن جائز مطالبا فوري طور تي منظور ڪيا وڃن. ***پڊعيدن مان مجاهد شر موجب رورل هيلٿ سينٽر ۾ پيپلز پيرا ميڊيڪل عملي پاران اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪيو. اسپتال جي گيٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مير اعجاز راڄپر انور علي راڄپر زاهد سومرو اخلاق احمد انصاري عائشه سيال مهرافروز فرزانه سمون جنت بي بي لياقت مبيجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.

*** جهڏو رورل هيلٿ سينٽر ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال ٻاهران ايوب جروار ۽ غلام نبي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي.*** خانپورمھر مان آفتاب سيال موجب پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ عالم خان سيال. عنايت الله ٻرڙو. خالد حسين مهر ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال شيخ همدان بن محمد اسپتال تعلقه آڏو احتجاج ڪيو ويو اسپتال آڏو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري بک هڙتال ڪئي وئي. ***رتوديرو مان عطاءُ الله بروهي موجب پيرا ميڊيڪل اسٽاف جوائنٽ ايسوسيئيشن جي ملازمن اسپتال جي ٻاهران مطالبن جي مڃتا لاء اسپتالن کي تالا هڻي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اسپتال جي سامهون ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل جي اڳواڻن پرويز احمد سومرو، ظهور احمد ڀٽو ، نورالحق ڊومڪي، علي حسن راجپوت، خالد حسين ابڙو ،خليل احمد ابڙو، فهميده ميمڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيراميڊيڪل محڪمه صحت کاتي ۾ ڪرنهگي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ حڪومت ڄاڻي واڻي هيليٿ ڊپارٽيمنٽ کي مفلوج بڻائڻ چاهي ٿي. ميرپور ماٿيلو مان ظھير وسير موجب سموري سنڌ جيئان ضلع گهوٽڪي ۾ به پاڪستان پيرا ميڊيڪس عملي جو احتجاج مڪمل او پي بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو ميرپور ماٿيلو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ علي شير شيخ انعام مڱريو عزيز الرحمان بلومشتاق چڍڙ جي اڳواڻي ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاء او پي ڊي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو انهن چيو ته ڪئي ڏينهن ٿي وياآهن پيرا ميڊيڪس عملو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سراپا احتجاج آهي پر سنڌ حڪومت اسان جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو آهي هڪ ملڪ ۾ ٻٽو قانون قطعي منظور ناهي جيڪو حق ٻين صوبن ۾ ملن پيا اهي اسان کي نه ٿا ملن ان ڪري سموري سنڌ ۾ او پي ڊي بلاڪ ڪئي وئي آهي جي اسان جا مطالبات نه مڃيا ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب تعلقه اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لا عبدالستار ميمڻ گهرام خان کوسو فدا حسين ميمڻ پير مشتاق جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري گيٽ بند ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائيم اسڪيل سروس اسٽڪچر ۽هيلٿ الائونس نه ملي سگهي آھي جڏهن ته رڪوري ليٽر ڏئي وڌيڪ ظلم ڪيو ويو آھي مطالبا تسليم نه ٿيا ت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

***غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي عملي طرفان پنھنجن مطالبن جي مڃتا لا۽ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تالا بندي ڪئي ويئي ڊاڪٽر مختيار احمد قاضي فقير دلدار علي اوڳاهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب گذريل ويھن ڏينھن کان پوري سنڌ اندر پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن جو پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لا۽ لاڳيتو احتجاج جاري آھي. ان سلسلي ۾ اڄ اسٽاف طرفان پوري ضلعي ڪشمور اندر مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري تاله بندي ڪئي ويئي ۽ اسپتال جي گيٽ ڀرسان ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته سروس اسٽرڪچر جي بحالي۔ رڪوري ليٽر جي واپسي ۽ ٽيهه سيڪڙو الائونس جي مطالبن تان ھٿ نه کڻنداسين. ***پيرجوڳوٺ مان صفي الله منڱڻيجو موجب پيرا ميڊيڪل اسٽاپ پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪري اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو. پيرڳوٺ رورل هليٿ سينٽر جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران آصف ميمڻ امتياز مڱڻيجو خالد ميمڻ الطاف ۽ ٻين جي اڳواڻي اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو.










