پيءُ ۽ ڀائر ناجائزي پيا ڪن،مڙس سان خوش آهيان: مسمات بلقيس

پيءُ ۽ ڀائر ناجائزي پيا ڪن،مڙس سان خوش آهيان: مسمات بلقيس

بدين(ن سنڌيار) اسانجي شادي کي ست اٺ سال ٿي ويا آھن مونکي ھڪ نياڻي جو اولاد پڻ آھي آئون پنھنجي مڙس سان گڏ خوش آھيان پر منھنجو پيء پئسن جي لالچ ۾ اچي منھنجي شادي ٻئي پاسي ڪرائڻ چاھي ٿو جيڪا ڳالھ مونکي ھرگز قبول ناھي, اھڙي دانھن ديھ ولھاري جي نوجوان ناري مسمات بلقيس خاتون زال محمد حسن لنڊ ڪڍڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي, ھن چيو ته منھنجو پيء لالچي قسم جو ماڻھون آھي جيڪو مونکي مڙس کان نڪاح ٽوڙائي پئسن جي لالچ ۾ ٻي شخص سان نڪاح ڪرائڻ چاھي ٿو, ان موقعي تي بلقيس خاتون جي مڙس محمد حسن لنڊ چيو ته منھنجو سھرو عبدالله لنڊ ۽ سندس پٽ غفور, جبار ۽ غفار مونکان منھنجي زال کسي ٻي پاسي پرڻائڻ چاھين ٿا انھي سلسلي ۾ ٻه ڀيرا منھنجي گھر واري کي زبردستي وٺي ويا آھن پر جيئن ته اسين زال مڙس ھڪٻئي سان خوش آھيون ۽ ھڪٻئي سان محبت به ڪريون ٿا ۽ ٽن سالن جي نياڻي جو اولاد پڻ آھي تنھنڪري وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته منھنجي سھري ۽ سندس پٽن تي قانوني قدم کڻي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو