اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين لاءِ متفقه طور اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. سينيٽ ۾ اپوزيشن جا 53 ۽ حڪومت سندن اتحادين جا 47 ميمبر آهن. حڪومت موجوده چيئرمين صادق سنجراڻي کي نامزد ڪيو آهي. بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر حمزه شهباز شريف ۽ چوڌري شجاعت سان ملاقات ڪري سينيٽ چيئرمين لاءِ گيلاني جي حمايت گهري هئي. مسلم ليگ (ن) ته حمايت ڪئي پر چوڌري شجاعت حسين معذرت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته حڪومت جا اتحادي آهن.










