پي ڊي ايم پاران 26 مارچ تي لانگ مارچ جو اعلان

پي ڊي ايم پاران 26 مارچ تي لانگ مارچ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم 26 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن ڀرپور نموني لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان مسلم ليگ (ن) جي ميزباني ۾ ٿيل سربراهي اجلاس بعد ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس م اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پي ڊي ايم گڏيل نموني سينيٽ چونڊ ۾ حصو وٺندو ۽ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ واري بلاول جي تجويز تي ڪافي شڪ شبها ظاهر ڪندي چيو ويو ته سينيٽ ۾ واضح اڪثريت هوندي هارائي وياسين ته هاڻي ڪيئن ڪامياب ٿينداسين. اجلاس ۾ غور بعد طئي ٿيو ته سينيٽ جي چونڊ ۽ لانگ مارچ بعد ان معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب بلاول کان عدم اعتماد بابت نمبر گيم بابت ڪيترا سوال ڪيا ويا ۽ هن چيو ته هي سياسي طريقو آهي، ڪيترن ايم اين ايز ساڻن رابطو ڪيو آهي ۽ گڏجي ڪوشش ڪرڻ سان فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کان اڳ بلاول کي بختاور جي شادي تي مبارڪ به ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو