اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سان ڳالهيون نه ڪرڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا هن چيو ته پارليامينٽ ئي اصل فورم آهي جتي عوامي مسئلن تي ڳالهيون ٿينديون آهن. مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز پارليامينٽ ۾ ناهن ان لاءِ حڪومت انهن سان ڳالهيون نٿي ڪري سگهجن هن جو چوڻ هو ته اسان ذميوارماڻهن سان ڳالهيون ڪنداسين جيڪي پارليامينٽ ۾ ويٺل آهن وفاقي وزير اهو به چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿي ته اڳيان به ٻڌايو ته ڇا ٿيندو. ٻئي طرف وفاقي وزير فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته مريم نواز ڀڳوڙن جو لفظ پرويز مشرف جي لاءِ استعمال ڪندي آهي ته پنهنجي پيءُ کي ڇو نٿي چوي فيصل واوڊا چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته اسان استعيفيٰ وٺندا پيا اچون ته اسان کي تاريخ يا سال به ٻڌايو.










