پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڳاٽي توڙ مهانگائي جي لهر آيل آهي:حليم

پي ڊي ايم حڪومت ۾ ڳاٽي توڙ مهانگائي جي لهر آيل آهي:حليم

ڪراچي (رپورٽر) پي ڊي ايم حڪومت اچڻ بعد ملڪ ۾ ڳاٽي توڙ مهانگائي جي لهر آيل آهي جنهن سبب عوام ٻين ويلن جي ماني کي رهجي ويئي آهي اهڙي خيال جون اظهار سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ گلشن اقبال ڪراچي جي مختلف دڪانن جو دورو ڪري شهرين توڙي خريدارن کان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائندي ڪيو، اپوزيشن ليڊر سنڌ حليم عادل شيخ گلشن اقبال جي مختلف دڪانن تي وڃي روز مره استعمال ٿيندڙ شين جا اگهه معلوم ڪري خريدارن سان ملاقاتون ڪري حال احوال ورتا، شهرين ملڪ ۾ ڳاٽي توڙي مهنگائي جو ذميوار موجوده وفاقي حڪومت کي قرار ڏيندي عوام کي رليف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت اچڻ بعد ملڪ ۾ مهنگائي جو طوفان آيل آهي عوام ٻن ويلن جي ماني کان رهجي ويا آهن اٽو اسان جي حڪومت جي وقت 50 روپيا ڪلو ملندو هن وقت 150 روپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي، آئل 700 روپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي، دالون، چانورن سميت ٻين شين ۾ سو سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي آهي اسان جي حڪومت ۾ مرغي جو گوشت 400 روپيا ڪلو هن وقت 700 روپيا ڪلو وڪامجي رهيو آهي غريب هاڻي بصر کان ماني به نٿا کائين سگهن بصر به ٽي سو روپيا ڪلو کان مٿي وڪامجي رهيا آهن سائون ڀاڄيون به 200 روپيا ڪلو کان مٿي وڪامجي رهيون آهن ٿوم، ادرڪ 600 روپيا ڪلو ٿي ويون آهن موجوده حڪومت کي عوام جي ڪابه فڪر ناهي سنڌ حڪومت رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهي عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف ناهي ملي رهيو هن چيو ته چورن جو دور ختم ٿي ٿيڻ وارو آهي وري انصاف جو دور ايندو ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيندي. پي ڊي ايم وارا رڳو پنهنجو مسئلا حل ڪري عوام کي مهنگائي جي چڪي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جلد انهن جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو