پي ڊي ايم اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي رويي مان مايوسي ٿي،احسن اقبال

پي ڊي ايم اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي رويي مان مايوسي ٿي،احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي رويي مان مايوسي ٿي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به هونديون آهن جيڪي نه ٿيڻ گهرجن ۽ هي اهي ئي ڳالهيون هونديون آهن جيڪي اسان جي دل آزاري جو سبب بڻجنديون آهن. هن چيو ته جنهن  به پارٽي تي پي ڊي ايم جي ناڪامي جو الزام آيو اهو ان کي کڻي نه سگهندو.احسن اقبال چيو ته پيپلز پارٽي کي آپشن ڏنو آهي ته هو سنڌ اسيمبلي مان في الحال استعيفيٰ نه ڏين پي ڊي ايم سان رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو هاڻ پيپلز پارٽي کي ڪرڻو آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ 26 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ پاڪستان پيپلز پارٽي جي استعيفائن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ميان صاحب ملڪ واپس ايندو ته استعيفائون ان وٽ ئي جمع ڪرائينداسين. نوازشريف کي جنگ ڪرڻي آهي ته کيس پاڪستان اچڻو پوندو. اسيمبليون ڇڏڻ سان عمران خان مضبوط ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو