ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي آءِ ايس پي آر جِي پريس ڪانفرنس سٺو سنئوڻ آهي، پ پ واضح ڪري چڪي آهي ته لانگ مارچ پنڊي نه پر اسلام آباد طرف ٿيندو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جِي نااهلي سبب ادارن جي ساک تي سوال ٿي رهيا آهن، اسان سياسي ورڪر آهيون، پيزا کائي سگهون ٿا، برياني ۽ چانهه به هلي ويندي، پي ٽي آءِ سرڪار هر شعبي ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ بريڪ ڊائون جو اثر سڄي ملڪ تي ڪيئن پيو؟، حڪومت اڃا تائين ذميوارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.










