ٽنڊوباگو(رپورٽ سھيل سمون)حقوق سنڌ مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٽنڊوباگو ۾ مرزا گروپ پاران قائم ڪيل ڪئمپ تي بين الصوبائي معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا گڏ ٿيل ماڻهن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته وزير اعظم عمران خان کان استعيفا گهرندڙ پهرين سليڪٽيڊ سنڌ حڪومت کان استعيفا وٺن، جيڪا سنڌ جي ماڻھن کي حق ڏئي نه سگهي آهي ھن چيو ته اپوزيشن وارن جو هڪ ٻئي تي اعتبار ڪونهي اھي سڀ هڪ ٻي لاء پنهنجي آستينن ۾ ڇريون لڪايو ويٺا آهن، ڪرمنل ماڻهن پيپلزپارٽي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي جن سڄي سنڌ کي موهن جو دڙي جيان کنڊر بنائي تباهه ڪري ڇڏيو اٿن، ھن چيو ته اسين حقوق مارچ ذريعي سنڌ جا حق وٺڻ نڪتا آھيون ۽ سنڌ جا حق زوري به وٺندا سين. ھن وڌيڪ چيو ته پ پ وارا پلاٽن، زمينن تي قبضا ڪري، ڏينهن ڏٺي جو سنڌ جي ماڻهن کي قتل ڪري چون ٿا ته اسين بينظير ڀٽو جو مشن پورو ڪري رهيا آهيون ڇا بينظير جو اھو مشن آهي. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ هاڻي شهيدن جي پارٽي نه رهي آهي پر ھاڻي قاتلن جي پارٽي ٿي وئي آهي، عمران خان جي حڪومت بيروزگار گريجوئيٽ نوجوانن لاء ٽيھ ھزارن جي وظيفي جو اعلان ڪري ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ھن چيو ته اڄ عمران خان سنڌ لاء علاج لاء في گهر 10 لک جو اعلان ڪيو آهي ان کان اڳ دلبر سنڌي, سڪندر ميمڻ,فيصل چيما,سيد جمن شاھ ٻين گڏ ٿيل ميڙ کي خطاب ڪيو.










