اسلام آباد )بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته نون چونڊيل آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته اسان قومي اسيمبلي جون 180 سيٽون کٽيون آهن، اسان جي سمورن اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن ۾ پي ٽي آءِ جو نالو لکيل هو. چيو پيو وڃي ته اسان جي اميدوارن کي پي ٽي آءِ جي حمايت حاصل آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته قومي اسيمبلي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين ۾ اسان جا اميدوار سني اتحاد ۾ شامل ٿيندا، اسان جو اتحاد هن ملڪ لاءِ آهي.هن چيو ته هو خاص سيٽن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪندو، اميدوارن جي پارٽي شموليت جا دستاويز اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائيندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب حڪومت ٺاهڻ کانپوءِ عمران خان جي آزادي لاءِ قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ جو سبب مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ آهي، قومي اسيمبلي ۾ 180 سيٽون آهن.عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن، مان ايم ڪيو ايم جو ٿورائتو آهيان، ايم ڪيو ايم هميشه پي ٽي آءِ جي باني جي حمايت ڪئي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، متحده قومي موومينٽ پاڪستان سنڌ ۽ ڪراچي ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي، اسان جي اميدوارن جا فارم 47 تبديل ڪيا ويا آهن. ناصر عباس چيو ته چونڊ نتيجا غير آئيني طريقي سان ملتوي ڪيا ويا، 8 فيبروري جي رات ڌانڌلي ڪئي وئي، سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه چيو ته مان پي ٽي آءِ جي باني جو ٿورائتو آهيان، پي ٽي آءِ سان اسان جو ڪو نئون اتحاد ناهي، پي ٽي آءِ سان سني اتحاد ڪائونسل جو اتحاد 7 کان 8 سال پراڻو آهي، پي ٽي آءِ سان اسان جو اتحاد غير مشروط آهي، پاليسي جاري رهندي. پي ٽي آءِ جو باني هجي، ملڪ ۾ نظام مصطفيٰ چاهيون ٿا.هن چيو ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي.حامد رضا چيو ته اسان امن تي يقين رکون ٿا، هٿياربند جدوجهد تي يقين نه ٿا رکون، (ن) ليگ فرقيواريت کي فروغ ڏئي رهي آهي.










