پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ناهي ڏني، اياز صادق

پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ناهي ڏني، اياز صادق

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ناهي ڏني، اهي ڳالهيون ڪرڻ ئي نٿا چاهين.صحافين سان ڳاهيون ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ناهي ڏني، عامر ڊوگر سان ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي آئنده اجلاس بابت ڳالهيون ٿيون.هن چيو ته يوم آزادي جي تقريب ۾ انهن جي ايم اين ايز جا نالا گهريا، انهي کان علاوه ٻئي ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. طارق فضل چوڌري سان ڳالهين جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هجي ته خبر نه آهي. مان ته ڳالهين جي دعوت ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو آهيان، هاڻ ڳالهين جي لاءِ چوڻ ڇڏي ڏنو آهي.سردار اياز صادق چيو ته وزيراعظم به ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ جي فورم تي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي جن اپوزيشن جي ماڻهن جي ڪري پارلياماني ڪميٽي ٺهي هئي انهن انهي جي بحالي جي ڪابه درخواست ناهي ڪئي هر مسئلي جو حل گڏجي ويهڻ ۾ آهي، صرف ميڊيا تي ويهي بيان ڏيڻ سان ڳالهيون ناهن ٿينديون.هن چيو ته تحريڪ انصاف اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ شايد انهي لاءِ ڪئي هئي ته اهي ڳالهيون ڪن، پر انهن کي شايد ڳالهين جي اجازت ناهي ملي. تحريڪ انصاف جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن وٽ جيڪو اسٽاف آهي اهو جيڪڏهن واپس ڪري ڇڏين ته اسان انهي کي استعمال ڪنداسين.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن اڳواڻ منهنجي چيمبر ۾ نٿا اچڻ چاهين ته ڪميٽي روم اچن ته مان چيمبر خالي ڪري ڇڏيندس پر اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ڳالهيون ڪرڻ ئي نٿا چاهين.

پهنجو تبصرو موڪليو