پي ٽي آءِ سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ناهي: شاهه محمود

پي ٽي آءِ سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ناهي: شاهه محمود

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪاري ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سرڪاري ملڪيتن تي حملا پي ٽي آءِ جي پاليسي ناهي، اسان جي پاليسي پرامن رهي آهي، اسان جا جلسا ۽ لانگ مارچ ڏسو، اسان ڪڏهن به ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو آهي، حڪومتي عنصر ائين ڪري رهيا آهن، حڪومت جي حڪمت عملي ۽ حملن جي مذمت ڪجي ٿي.هن چيو ته اسان کي عمران خان تائين پهچ نه ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن پهچ ڏينداسين ته خبر پئجي ويندي،ڪميٽي جو پهريون اجلاس هو جيڪو عمران خان ٺاهيو هو، يقينن پرويز الاهي اسان سان گڏ هوندو، اسان جو اعتماد آهي. عمران خان مون کي جيڪا ذميواري ڏني آهي ان تي سڀ اعتماد ڪندا، جڏهن ته چيئرمين عمران خان آهي ۽ رهندو، مون کي اها ذميواري وقت تي ڏني وئي آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود چيو ته حڪومت سان ڳالهيون ؟ خدا کان ڊڄو ان موقعي تي اسد عمر چيو ته عمران خان جي گرفتاري جو سبب ٻڌايو وڃي، سندس گرفتاري ۾ بدنيتي شامل آهي، عمران جي مداحن کي پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق آهي، پرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ويو.ٻئي طرف شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کي پوليس لائينز ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو