اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي تحريڪ انصاف حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب حڪومت طرفان مبينا طور آئين ٽوڙڻ تي ريفرنس جي تياري لاءِ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس تيار ڪيو پيو وڃي، ريفرنس لاءِ گهرو ۽ قانون واري وزارت ۾ تياري شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، قاسم سوري، عمر سرفراز چيما خلاف ريفرنس لاءِ مواد گڏ ڪيو پيو وڃي، آئين ٽوڙڻ بابت بيان ۽ اسيمبلين جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.










