پي ٽي آءِ جي صروت ۾ بهتر آپشن موجود آهي، ميئر جماعت جو هوندو: حافظ نعيم

پي ٽي آءِ جي صروت ۾ بهتر آپشن موجود آهي، ميئر جماعت جو هوندو: حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف وٽ بهتر آپشن موجود آهي، ميئر جماعت اسلامي جو هوندو. هن چيو ته ڪراچي جي عوام اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ مايوس ٿيڻ نٿا چاهيون. حافظ نعيم چيو ته اسان جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، اسان جائز ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، اسان کي 2 سيٽون مليون، 7 رهجي ويون آهن، آر اوز نتيجا پڌرا ڪري پ پ سان ڳالهيون شروع ڪنداسين. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جي صورت ۾ اسان وٽ بهتر آپشن آهي، ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو