ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙن ٻنهي کي انتها تي نه وڃڻ گهرجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان احتجاج کي جمهوري حق سمجهون ٿا، پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ افراتفري ۽ نفرت نظر اچي ٿي، اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا.شازيه مري چيو ته اسان ڪم ڪندي احتجاج به ڪيو آهي. پي ٽي آءِ احتجاج ڪري ماڻهن کي نقصان پهچايو.ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ تباهي پيدا ڪئي.پ پ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ سنجيدگي ناهي، اها ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي ۽ رڳو هڪ شخص جي ڳالهه ڪري رهي آهي ملڪ جي نه،شازيه مري چيو ته پي ٽي آءِ جي سنجيده ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي، تحريڪ انصاف به غلط ڪري رهي آهي ۽ حڪومت به غلط ڪري رهي آهي جيڪڏهن اها کين ملوث نه ڪري رهي آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ حڪومت کي به پنهنجي رويي ۾ لچڪ ڏيکاري.










