ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.گلشن اقبال ٿاڻي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ فڪس اٽ جي باني عالمگير خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب عالمگير خان خلاف ايس ايڇ او گلشن اقبال اشرف جوگي جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ وال چاڪنگ ۽ بغاوت جون دفعاتون داخل ڪيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي عالمگير خان ۽ 5 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.










