اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير حماد اظهر عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان هٿ کڻي ويو،سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ معاون وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حماد اظهر اپيل جي پيروي ڪرڻ نٿو چاهي.جسٽس منصور چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ 62 ڄڻن جو حوالو ڇو ڏنو آهي؟ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ واضح آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف پاڻمرادو لاڳو نٿو ٿئي. جسٽس منصور چيو ته حماد اظهر کي اپيل واپس وٺڻ سان فيصلي مان ڪو فائدو نه ٿيندو، جسٽس جمال چيو ته لڳي ٿو حماد اظهر هٿيار ڦٽا ڪرڻ نٿا چاهين.بعد ۾ حماد اظهر جي وڪيل عدالت مان اپيل واپس وٺي ڇڏي ۽ اڳوڻي وزير به چونڊن کان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو.










