راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي اميدوار شبير اعواڻ کي رائو لپنڊي پي پي 7 تان شڪست ڏئي چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ شبير اعواڻ چيو ته اسان 4 هزار جي ليڊ سان کٽي رهيا آهيون، ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪنداسين. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن انتهائي بي ترتيبي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان تحريڪ انصاف هي اليڪشن کٽي آهي، ووٽن جي کليل ڳڻپ ٿيڻ گهرجي.










