ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل مير محمد عثمان پرڪاڻي پاران دھاندلي بابت داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس محمد امير نواز رانا جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل فيصلو ڏنو. درخواست پي بي 45 ڪوئيٽا جي 15 پولنگ اسٽيشنن ۾ ڌانڌلي جي الزام تي داخل ڪئي وئي هئي. ٽربيونل فيصلي ۾ لکيو ته درخواست گذار دھاندلي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار جي نمائندگي ڪامران مرتضيٰ ايڊووڪيٽ ڪئي، جڏهن ته ڪيس جي پيروي علي مدد جتڪ پاران چوڌري حسن مرتضيٰ ايڊووڪيٽ ۽ راجيش ناٿ ڪوهلي ايڊووڪيٽ ڪئي.










