ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)سنڌ يونيورسٽي پي ايس ٽي 2009 ٽيسٽ پاس ڪندڙ متاثر اميدوارن پاران کين نوڪري لاء آفر آرڊر نه ملڻ ۽ ميرٽ جي کلي لتاڙ واري عمل خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو صحافين سان ڳالھائيندي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته ٽيسٽ پاس ڪندي اسان کي 12 سالن جو عرصو گذري چڪو آھي، پر اڃان تائين اسان کي آفر آرڊر ناھن ملي سگھيا، ھنن چيو ته اسان ايجوڪيشن کاتي جي اعليٰ عملدارن تعليم کاتي جي وزير ۽ سنڌ حڪومت کي ليٽر لکيو آھي پر اسان جو جائز مسئلو اڃا تائين حل ٿي سگھيو آھي جنھن ڪري فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون. ھنن گھر ڪئي ته اسان کي پنھنجو حق روزگار فراھم ڪري فاقا ڪشي کان بچايو وڃي.










