پي ايس ايل لاءِ 17 ڄڻا عرب امارات پهچي ويا

پي ايس ايل لاءِ 17 ڄڻا عرب امارات پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽر جي ڪپتان سرفراز احمد سميت 6 ڄڻن کي ابوظهبي جي وزٽ ويزا ملي وئي آهي ۽ هو اڄ ابوظهبي پهچي ويندا. پي سي بي جو چوڻ آهي ته ڪمرشل اڏام وسيلي عرب امارات وڃڻ جي اجازت ملڻ بعد سرفراز سميت 13 رانديگرن ۽ آفيشلز کي گهر اماڻيو ويو هو. هاڻ ڇهن رانديگرن جون ويزائون اچي ويون آهن جن مان 4 لاهور ۽ 2 ڪراچي جا آهن، انهن رانديگرن کي به لاهور کان ڪراچي آڻي پوءِ گڏ ابوظهبي اماڻيو ويندو هو رات جو دير سان يا اڄ صبح جو پهچي ويندا. پي ايس ايل 6 جي سربراهه بابر حامد چيو آهي ته رانديگرن ۽ افيشلز کي تڪليف ٿي آهي جنهن تي افسوس آهي غيرمعمولي حالتن ۾ اوچتي صورتحال جي ڪري رانديگرن کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. ٻئي طرف فاسٽ بالر محمد حسنين سميت 5 رانديگر ۽ آفيشلز ڪراچي ۽ 12 لاهور کان ابوظهبي پهڇي ويا آهن. انهن جو قرنطينا جو مدو پورو ٿيڻ بعد ميچن جو شيڊيول اچڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو