دادو (ادل مهيسر) پي ايس 86 جوھي جي ضمني چونڊ ڪرپشن ۽ بريف ڪيس واري اليڪشن ھئي ، وزير اعلي سنڌ اليڪشن کان 3 ڏينھن لڳاتار واھڙ ۾ رھيل ھيو ، پنھنجي سيڪريٽري جي معرفت جوھي تعلقي جي يوسي چيئرمينن کي 30,30 لک خرچ ڏنو ويو ، پي ٽي آءِ اميدوار امداد لغاري جون پراڻيون نڪتل تصويرون اليڪشن واري ڏينھن اپلوڊ ڪيو ويون ، جنھن سبب اسان جا ووٽر نه نڪري سگھيا، اھڙي عمل خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو. اھڙن خيالن جو اظھار پي ٽي آء جي مرڪزي اڳواڻ سنڌ اڳوڻو وڏي وزير لياقت علي جتوئي ٻيٽو جتوئي ۾ پي ٽي آءِ جي ھارايل اميدوار امداد لغاري، اڳوڻي ضلعي ناظم ڪريم علي جتوئي، سردار نصرت لغاري، ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، نياز علي ٻرڙو، سردار وقار جانوري، سردار مظھر جھتيال، نور جتوئي، سردار عاشق زنئور ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، ھن چيو ته پي ايس 86 جوھي جي ضمني چونڊن ۾ پ پ جي وڏي وزير سميت ايم پي اي ، ايم اين ايز پ پ اميدوار جي ورڪ ڪندا رھيا ، جنھن جي لکت ۾ شڪايت اليڪشن ڪميشن کي ڏني ھئي ان کان علاوہ پرزائيڊنگ آفيسر پولنگن تي پنھنجا ماڻھو مقرر ڪرايا ويا. لياقت علي خان جتوئي تصويرون ڏيکاريندي چيو ته گھري سازش تحت پي ٽي آءِ اميدوار امداد لغاري ۽ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جون جمالي ھائوس تي نڪتل پراڻيون تصويرون اليڪشن واري ڏينھن پ پ جيالن پنھنجن فيس بڪ آءِ ڊي تي اپلوڊ ڪري لکيو ته پي ٽي آءِ اميدوار جمالي ھائوس پھچي ويو آھي جنھن جي ڪري اسان کي اليڪشن ۾ نقصان پيو ۽ اسان اليڪشن ھارائي ، اھڙي گندي سازش خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ وينداسين اميد آھي ته اسان کي انصاف ملندو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ايس 86 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار سيد صالح شاهه 40 هزار ووٽ کڻي پي ٽي آءِ جي اميداور امداد علي لغاري کي شڪست ڏني هئي جنهن 25 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.










