راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي آءِ اي کي ائين وڪرو ڪيو پيو وڃي ڄڻ پيءُ جي ملڪيت هجي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت بيٺي آهي، پي آءِ اي بدران پنهنجا فليٽ وڪرو ڪريو.هن چيو ته 14، 14 ڪيس آهن، ڪيس به هول سيل آهن، تمام گهڻو ظلم ڪيو پيو وڃي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته قوم مان خوف ختم ٿي ويو، 40 ڏينهن گذري ويا، هن وقت تائين صحت ٺيڪ ناهي، شڪر آهي ته انتظار پنجوتا واپس اچي ويو آهي، ان جي به ڪهڙي ڪهاڻي ٺاهي وئي.اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بينڪ يا ايف بي آر ثابت ڪري ته سندس دورن مان ڪا سيڙپڪاري آئي آهي، زمينن تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، اهڙو اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪا جون چونڊون سڄي دنيا کي متاثر ڪنديون آهن.










