ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ)پي آءِ اي جو بوئنگ 777 جهاز ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي ضبط ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 895 ڪالهه ڪراچي کان ڪوالالمپور پهچي وئي هئي ڪوالالمپور ۾ مقامي اختيارين پي آءِ اي جو جهاز عدالتي حڪم تي ضبط ڪيو.ذريعن ٻڌايو ته پي آءِ اي جو جهاز ملائيشيا ۾ ليز واري رقم جي عدم ادائيگي تي ضبط ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پي آءِ اي 2015 ۾ ويٽنامي ڪمپني کان بوئنگ 777 جهاز ليز تي ورتو هو.










