اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان پوليو پروگرام طرفان سال 2025 جي ٽئين پوليو مهم جي شروعات اسلام آباد مان ڪئي وئي. آچر تي نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (NEOC) ۾ وزيراعظم جي مشير عائشه رضا فاروق پوليو مهم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي يونيسيف ۽ پوليو ڪور گروپ جا ميمبر ۽ سرڪتدار ادارن جا نمائيندا به موجود هئا. پاڪستان اڄ به انهن ٻن ملڪن مان هڪ آهي جتي پوليو وائرس مقامي سطح تي موجود آهي. ٻيو ملڪ افغانستان آهي. باوجود ان جي ته سڄي دنيا هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري ڪامياب ٿي وئي پر هنن ٻن ملڪن ۾ مرض موجود آهي. جنهن جو سبب عملي جا حفاظتي مسئلا، ويڪسين بابت شڪ شبها ۽ غلط ڄاڻ اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هن هفتي خيبرپختونخوا جي ضلعن لڪي مروت ۽ بنون مان پوليو جا ٻه نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن سان 2025 دوران پوليو ڪيسن جو تعداد وڌي 10 ٿي ويو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عائشا رضا فاروق پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جي بچاءَ جا قطرا ۽ وٽامن اي جا قطرا پياريا، جيڪو حڪومت جي پختي عزم جي علامت آهي. هڪ هفتي تائين جاري رهندڙ هي مهم 26 مئي کان شروع ٿيندي، جنهن جو مقصد پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن تائين ويڪسين پهچائڻ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي مهم پاڪستان مان پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ۽ 2025 جي آخر تائين ان جي مڪمل خاتمي لاءِ اهم قدم آهي. هن چيو ته “پوليو جو خاتمو صرف صحت جو مقصد نه آهي، پر قومي ذميواري ۽ ملڪ لاءِ فخر جو باعث آهي.” سيپٽمبر 2024 کان مئي 2025 تائين مسلسل مهمون قوت مدافعت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ وائرس جي منتقلي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ روڪڻ لاءِ اسان جو اثرائتو موقعو آهن.” هن انهن علائقن ۾ موجود چئلينجن کي تسليم ڪيو جتي وائرس اڃا تائين موجود آهي، جيئن ڪراچي، خيبر پختونخوا ۽ ڪوئيٽا بلاڪ، پر ساڳئي وقت انهن علائقن ۾ اميدافزا اڳڀرائي کي پڻ اجاگر ڪيو جتي اڳ ويڪسين جي رسائي محدود هئي. هن مهم ۾ حصو وٺندڙ 4 لک فرنٽ لائين ورڪرن، جن مان 2 لک 25 هزار عورت ويڪسينيٽرز شامل آهن، جي خدمت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سول ۽ عسڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان موجب، جيتوڻيڪ وڏي حد تائين ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، پر وائلڊ پوليو وائرس اڃا به خطرو آهي. ماحولياتي نگراني دوران ملڪ جي 68 ضلعن جي 127 جڳهن تان حاصل ڪيل گندگي جي پاڻي جي 272 نمونن مان وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي، جيڪا ان جي مسلسل ڦهلجڻ جو ثبوت آهي. هن موقعي تي پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاضل پروگرام جي رخ تي اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي مقرري جي مدت جي پڄاڻي تي، هن قومي قيادت ۽ عائشا رضا فاروق جي بي لوث ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته: “پاڪستان تاريخ رقم ڪرڻ جي قريب آهي. سياسي عزم، عوامي شموليت ۽ سڀني شريڪ ڌرين جي گڏيل قدمن سان، مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جلد پوليو کان پاڪ ملڪ بڻجي سگهي ٿو.” بيان جي آخر ۾ عوام کي پرزور اپيل ڪئي وئي ته اهي ويڪسينشن ٽيمز سان سهڪار ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار پوليو جا قطرا وٺڻ کان رهجي وڃي ته 1166 تي صحت تحفظ هيلپ لائن يا واٽس ايپ ذريعي اطلاع ڏنو وڃي. پوليو هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو ٻارن کي عمر ڀر لاءِ معذور بڻائي سگھي ٿو، ان جو ڪو علاج ناهي. صرف پوليو جا بار بار ڏنا ويندڙ قطرا ۽ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي مڪمل ويڪسينشن ئي انهن کي هن موذي مرض کان بچائي سگھي ٿي.










