ڪراچي (نمائندن وٽان) پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز اجلاس گهرائي حڪمت عملي جوڙي.تازو مڪمل ڪيل مهم جو جائزو ورتو ۽ مستقبل جي مهم بابت صلاح مشورا ڪيا. پوليو بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ موثر جاڳرتا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو. گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنر چيو پوليو نه پياريندڙ والدين کي گرفتار ڪري ڪيس ڪيا وڃن. ميرپور ماٿيلو مان ظھير وسير موجب ڊي سي گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيا وڃن ڇو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار ھن پنهنجي آفيس ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سميت ميڊيڪل آفيسرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سان ڳڻتي ٿئي پئي، اسان سڀني کي پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته بار بار ڪوششن ۽ علائقي جي معززن پاران سمجهائڻ باوجود جيڪي والدين پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري آهن انهن مٿان سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڇو ته هي هڪ قومي فرض ۽ نسلن جي مستقبل جو سوال آهي ان ڪري مهم دوران ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ ڊاڪٽر ظهير ڊومڪي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 16 مارچ کان 20 مارچ تائين جاري رهندڙ مهم دوران ضلعي جي 4 لک 10 هزار 509 ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا. ***نوابشاھه مان اي ڪي ڏاھري موجب ڊپٽي ڪمشنرشهيدبينظيرآباد ابراراحمد جعفر چيو آهي ته ملڪ مان پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پوليو خلاف اثرائتي مهم هلائڻ سان گڏ عوام ۾ پوليو خلاف آگاهي بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي سي آفيس جي درٻارهال ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو ايريڊيڪيشن ڪميٽي جي ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته علائقي ۾ پوليو وائرس جي موجودگي کي نظر ۾ رکندي پوليو خلاف مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي مائڪرو پلان کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ سان گڏ ٽيمن جي تربيت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي هن وڌيڪ چيو ته يوسي سطح تي پوليو خلاف مهم جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ميڊيڪل آفيسرن سان گڏ يوسي سيڪريٽري،پوليس ۽ روينيو جو عملو شرڪت ڪري مهم کي ڪامياب بنائڻ ۾ پوليو ٽيمن جي مدد ڪن ڊپٽي ڪمشنر گذريل پوليو خلاف قومي مهم ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ٽيمن جي ڪم کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ پوليو خلاف مهم دوران ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري ضلع جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پياري ٻارن کي سموري زندگي جي معذوري کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر معين الدين شيخ ۽ پوليو خلاف مهم جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته ضلع ۾ 16 کان 20 مارچ تائين منعقد ٿيندڙ 5 ڏينهن واري پوليو خلاف قومي مهم لاءِ پوليو ٽيمن جي تربيت سان گڏ ٻيا ضروري انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن مهم دوران ضلعي شهيد بينظيرآباد جي پنج سال عمر تائين جي 3 لک 72 هزار 248 ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ 948 پوليو ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن ۾ 806موبائل،53 ٽرانزٽ ، 70 فڪس ۽ ٻيون ٽيمون شامل آهن اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنيد حميد سمون،ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر علي رضا بروهي،ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستارراٺوڙ،ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راهو، سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ پوليو سپروائيزرن کان علاوه پوليس، تعليم، پاپوليشن،سوشل ويلفئير ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.










