پوليس ۽ ڏوهارين م مقابلو، مدو ڪوري مارجي ويو

پوليس ۽ ڏوهارين م مقابلو، مدو ڪوري مارجي ويو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد بجر ٽالپر روڊ وٽ ڦورو مدو ڪوري ساٿين سان گڏ موٽرسائيڪل ڦري ڪري فرار ٿيو ته پوليس کي اطلاع مليو ناڪا بندي ڪئي وئي ته ڦورو مددعلي عرف مدو ڪري پوليس کي ڏسي مٿس فائرنگ ڪري ڏني جوابي ڪاروائي ۾ ڦورومدد علي عرف مدو ڪوري مارجي ويو سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو, مارجي ويل ڌاڙيل مدو ڪوري جي لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊومحمدخان  آندو ويو۔جتي پوسٽ مارٽم کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيوويو,  ٻي پاسي شيخ ڀرڪيو پوليس موجب ڌاڙيل مدو ڪوري وٽان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل۔ بغير لائسنس پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آھن۔ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيومحمدعلي زنئور موجب مدو ڪوري  تي مختلف ٿاڻن تي پندرهن کان مٿي ڦرن ڌاڙن ۽ چورين جا ڪيس داخل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو