ٺٽو ( رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ ) پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ٺٽي سميت ساڪري ۾ زھريلا گٽڪا ۽ ماوا بند نه ڪرائي سگهي گٽڪا مافيا پاران ھر روز نئين نمونن جا زھريلا گٽڪا ۽ ماوا مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن. ڳاڙهي ڪلر جا ننڊا ماوا متعارف ڪرائڻ وارو سلسلو ھلندڙ ، نشي آور خشڪ انڊين پڙين جنهن ۾ مشھور جي اين ڊي ـ سفينا ـ آر آر گولڊ پان هلندڙ پر افسوس ساڪرو پوليس سميت ضلعي انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا ش.

ھرين ايس ايس پي ٺٽو ۽ ڊي ايس پي ساڪرو ۽ ايس ايڇ ساڪرو کان مطالبو ڪيو آھي ته ساڪرو ليٽ اسٽاپ تي هلندڙ زهريلي گٽڪي مائي سميت خشڪ پڙين جي وڪرو ڪندڙ گٽڪا فيڪٽري مالڪن خلاف سخت قدم کڻي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ اسڪولي شاگردن جي مستقبل ۽ جيجل مائرن جي جهولي خالي ٿيڻ کان بچايو وڃي.










