پوليس مقابلي ۾ سب انسپيڪٽر شهيد، جوابدار فرار

پوليس مقابلي ۾ سب انسپيڪٽر شهيد، جوابدار فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گلستان جوهر واري علائقي ۾مبينا پوليس مقابلي دوران سب انسپيڪٽر رحيم خان شهيد ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته سفيد رنگ جي ڪورولا ڪار ۾سوار هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 4 جوابدار زخمي حلت ۾ فرار ٿي ويا. جڏهن ته سندن فائرنگ سبب سب انسپيڪٽر رحيم خان شهيد ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد سب انسپيڪٽر گلستان جوهر ۾ايڊيشنل ايس ايڇ او مقرر هو. شهيد اهلڪار جي قتل ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جوابدارن جي گاڏي ٽريڪر سبب بند ٿي وئي، جنهن بعد هنن هڪ ٻئي ڪار ڦري ان ۾ فرار ٿي ويا. جوابدارن سان گڏ هڪ پوليس وردي پاتل همراهه به هو جنهن ايس ايم جي سان پوليس تي فائرنگ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو