پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪيل جوابدار اسپتال ۾ فوت

پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪيل جوابدار اسپتال ۾ فوت

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر) شهيد اهلڪار جي قتل ۾ گهربل روپوش جوابدار کي پوليس مقابلي بعد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جوابدار علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيڻ بعد فوت ٿي ويو. عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ ٻھ مهينا اڳ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار فرزان علي ڪلوڙ جي قتل ڪيس جو مک جوابدار نواز سيال پوليس مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ان حوالي سان گھوٽڪي پوليس دعوي ڪندي چيو آھي ته رات ٿاڻي وستي جيوڻ شاھ جي حد بچاءَ بند جي ڪوشن واري پل جي ويجھو پوليس جو گشت دوران واردات ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل  ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو جنھن دوران ھڪ ڏوھاري کي ھٿيار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنھن جي سڃاڻپ محمدنواز ولد الله وسايو سيال خانپور مھر جي رھائشي طور تي ٿي جڏھن ته پوليس موجب گرفتار جوابدار قتل ڦر پوليس مقابلن سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ گھوٽڪي پوليس کي گھربل ھو گھوٽڪي پوليس وڌيڪ دعويٰ ڪندي چيو ته گرفتار جوابدار اڍائي مھينا اڳ عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ شھيد ٿي ويل پوليس اھلڪار فرزان ڪلوڙ جي قتل ڪيس جو مک جوابدار آھي ان موقعي تي جوابدار وٽان ھڪ ڪلاشنڪوف ميگزين چوري جي موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي آھي جڏھن ته ٻه جوابدار رات جي انڌيري جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار کي سکر اسپتال داخل ڪيو ويو جتي خميس جي صبح جو فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو