پوليس شاپنگ مال ٻيهر کلي ويو، دوڪاندار ۾ خوش

پوليس شاپنگ مال ٻيهر کلي ويو، دوڪاندار ۾ خوش

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو)پي پي ايم اين اي سرداري محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي تعاون سان پوليس شاپنگ سينٽر کلي ويو دڪاندارن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ پ روزگار ڏيڻ واري پارٽي آهي کسڻ واري ناهي. اسين دوڪاندارن کي مبارڪباد ڏيون ٿا. هنن چيو ته ميونسپل ملازمن جو به احساس آهي انهن سان به انصاف ٿيندو پر هُو پڇن انهن کان جن صحيح ڪري لکي ڏنو ته هي بوگس ڀرٿيون آهن ۽ پوءِ پگهارون بچائي کائيندا رهيا. ياد رهي ته پوليس ٿاڻي جي چوگرد پوليس پاران تعمير ڪرايل دوڪان جيڪي وڪرو ڪيا ويا هئا، اهي 10 مهينن کان بند هئا. تقريب ۾ ڊي سي گهوٽڪي عثمان عبدالله ، ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل، هادي بخش ميمڻ ، اختر خان سنگهڙ، فضل ڪلهوڙو ، عبداللطيف رڪ، مولوي غلام رسول ڪلهوڙو، چوڌري حبيب الله، صابر راجپوت، اختر عباسي، پرويز چنه سميت دڪاندارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڄام اڪرام ﷲ خان ڌاريجو ۽ سردار محمد بخش خان مھر چيو ته ادان جي سياست انتقامي سياست ناهي اسان کي قدر هيو دڪاندارن جو جن جا دڪان کولرائڻ لاءِ محنت جاري رکي جنهن اڄ رنگ لاتو ۽ دڪان کلي ويا، ڪورونا سبب ڪجھ ڪم نه ٿي سگهيا هيا، هيئنر جلد ئي اسان چاهيون ٿا ۽ خواهش به آهي ته يونيورسٽي، اسپتالن جو بهترين نظام، سٺي تعليم، سميت ميگا پراجيڪٽ ڪرايون ۽ جن تي ڪم جاري آهي انشاء الله جلد عوام کي خوشخبري ملندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو