پوليس خلاف درگاهه راضي شاهه جي مريدن جو احتجاج

پوليس خلاف درگاهه راضي شاهه جي مريدن جو احتجاج

جھڏو (ممتاز جوڻيجو) درگاهه راضي شاھ جي گادي نشين سجاد شاھ جي سئوٽ غلام مرتضي شاھ تي بااثر پاران قاتلاڻي حملي ۽ اغوا ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ميڊيا سينٽر جهڏو تي متاثر زخمي غلام مرتضي شاھ لڪياري جماعت جي اڳواڻن خان محمد ڀرڳڙي، نور حسن ڀٽي، عبدالباقي، محمد نواز مري، شاهنواز ٽنگڙي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي بااثرن ۽ جهڏو پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته 27 جون جي رات غلام مرتضي شاھ جهڏو جي صغير ڪالوني ۾ خان محمد ڀرڳڙي جي اوطاق ۾ ويٺل هئو ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار پنج هٿياربندن فائرنگ ڪري غلام مرتضي شاھ کي ٻانهن ۾ ڌڪ هڻي شديد زخمي ڪري وڌو ۽ زبردستي اغوا ڪري نامعلوم هند کڻي ويا نوجوان جي رڙين تي واٽ ويندڙ ماڻهن جي مداخلت تي هٿياربند فرار ٿي ويا، جنهن بعد مرتضي شاھ جي مريدن پهچي زخمي نوجوان کي جهڏو صحت مرڪز مان علاج ڪرائڻ بعد جهڏو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي جنهن بعد حملي ۾ ملوث 4 جوابدار ٿاڻي تي پيش ٿيا پر مقامي پوليس گذريل ڏينهن سڀني جوابدارن کي سياسي مداخلت ۽ مبينا ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته جهڏو پوليس سياسي مداخلت سبب مامري جو ڪيس داخل نه پئي ڪري جڏهن ته بااثر ڌر اسان کي زبردستي ٺاھ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن هنن آء جي سنڌ، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ لڪياري جماعت پاران مين جهڏو ٻائي پاس تي مين مٺي ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو