پوليس جي ڪارروائي،چوري ٿيل سامان واپس،2 ڄڻا گرفتار

پوليس جي ڪارروائي،چوري ٿيل سامان واپس،2 ڄڻا گرفتار

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر پوليس جي ڪارروائي،ڳوٺاڻي جي گهر مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ورتو، 2 ڄڻا گرفتار، خبر موجب، خانپورمهر پوليس ڳوٺ لوهي ڀرسان ٻہ ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي منظور ملڪ جي گهران چوري ٿيل سمورو سامان واپس ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، ايس ايڇ او خانپورمهر امام الدين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس مٽر دڙو واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي مبينا ڏوهاري خدا بخش عرف خدو گڏاڻي ۽ پپو گڏاڻي جي گهران چوري ٿيل سمورو سامان ريڪور ڪرائي ورتو، ذريعن موجب پوليس خدابخش ۽ پپو گڏاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو