نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ )گذريل ڏينھن پوليس گردي جي زور تي ڪجھ بنا وردي جي نوشھرو فيروز جي پوليس مورو باء پاس تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ پورھيت نوجوان صحافي سنڌي پرويز چانڊيو ۽ پورھيت نوجوان صدام چانڊيو کي بنا جواز سياسي انتقامي ڪاروائي تحت کنڀي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن جي مزمت ڪندي شھرين پاران سنڌي پرويز چانڊيو ۽ صدام چانڊيو کي پوليس گردي کان بچايو ويو٠ انھي سلسلي ۾ اڄ مورو باء پاس کان پريس ڪلب مورو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مورو شھر جي مختلف سياسي سماجي صحافين سوشل ورڪرن ۽ قوم پرستن جماعتن پاران ڀرپور نموني احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪري مظاھرو ڪيو ويو٠ جنھن جي اڳواڻي شھر جي قومپرست سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي اڳواڻ محمد اسلم ڪوريجو ياسين سومرو قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ صحافي انور سولنگي جئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ابرار مورائي دانش ميمڻ نويد بھڻ توفيق ڪوريجو سنڌ ايڪشن يوٿ ڪاميٽي جي اڳواڻ اصحاب چانڊيو پرويز سنڌي سينگار چانڊيو صحافي آغا حسن صحافي عابد ابڙو ۽ جئي سنڌ جسقم آريسر اڳواڻ اشرف لغاري شاھنواز ڀٽي ممتاز ميمڻ مورائي ڪئي٠جتي اڳواڻن احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان چيو ت پرويز سنڌي صدام چانڊيو ھڪ بھترين مورو شھر لاء جاکوڙي ڪردار حق سچ جو آواز بلند ڪندڙ نوجوان آھن جن کي ڪالھ نوشھرو فيروز پوليس پاران حراسا ڪرڻ لاء کنڀي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪجھ نا معلوم ماڻھو بنا وردي جي پوليس موبائل ۾ اچي پوليس وارا سڏائي بنا جواز اسان مٿان چڙھائي ڪري حراسا ڪري رھيا ھئا ۽ اھا ئي پوليس مورو شھر ۾ ھٿ سان منشيات جوا ۽ ڏوھ ڪرائي رھي آھي ۽ مختلف منشيات ۽ جوا جي اڏن تا منٿليون پڻ وٺي رھي آھي نوشھرو فيروز جي سي آء اي پوليس انھي سڄي سماجي براين جي عمل ۾ ملوث ھوندي نوجوانن جي آواز کي دٻائڻ لاء حراسمينٽ ڪري رھي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ آء جي سنڌ ڊي آء جي شھيد بينظيرآباد ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي صاحب ۽ سيشن جج نوشھرو فيروز کان مطالبو ڪيون ٿا ت مھرباني ڪري انھن گنڊا گردي ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف سخت نوٽيس وٺي ايڪشن کنيو وڃي ن ت ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو٠










