پوليس جوڪارنامو، بيگناھ شھرين کي ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي مارڻ لڳي

پوليس جوڪارنامو، بيگناھ شھرين کي ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي مارڻ لڳي

ڪنڌ ڪوٽ (ن س)ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جي پوليس ڏوھارين کي گرفت ۾ آڻڻ بجاء بيگناھ شھرين کي گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي انھن کي ڏوھارين جي لسٽ ۾ شمار ڪرڻ لڳي ـ گذريل ڏينھن تنگواڻي ۽ ڊيرا سرڪي پوليس ڳوٺ محمد امين جعفري مٿان چڙھائي ڪري نوجوان خان محمد بجاراڻي کي ڏينھن ڏٺي جو گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ نوجوان جي آزادي لاء پنج لک رپيا رشوت طلب ڪئي نھ ڏيڻ جي صورت ۾ رات دير سان غوثپور لڳ نوجوان کي ڪوڙي پوليس جي مقابلي ۾ ھاف فرائي ڪري ڇڏيو نوجوان جي وارثن نور محمد بجاراڻي ڳوٺ جي چڱي مڙس محمد امين جعفري علي گوھر ابوالخير ـ تاج محمد ـ لال خان جان محمد ۽ نظير بجاراڻي احتجاج ڪندي پوليس مٿان الزام لڳايو تھ پوليس اسان جي نوجوان کي بنا جواز گرفتار ڪري ان کي رشوت نھ ڏيڻ تان ھاف فرائي ڪري ھن جي زندگي تباھ ڪئي آھي نوجوان جي وارثن چيو تھ اسان نھ ڏوھاري آھيون نھ ڏوھارين جا ساٿاري اسان جي پنھنجي سئوٽن سان سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ آھي جيڪي پوليس ۾ آھن انھن جي چرچ تي اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو تنھن باوجود بھ پوليس علائقي جي معزز شخص مير شاھزين خان بجاراڻي کي نوجوان جي آزادي ڪرڻ جو چيو پر تنھن باوجود بھ ھن کي زخمي ڪيو ويو ھنن چيو تھ اسان جي بيگناھي جي گواھي ڳوٺ ۾ رھندڙ مختلف زاتين جا ماڻھون بھ ڏيندا تھ اسين شريف شھري آھيون ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي تھ معاملي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوليس جي اھڙي ڪريل حرڪت خلاف انڊس ھاء وي بند ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو