ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس فيز 7 علائقي ۾ اسنيپ چيڪ دوران پوليس آفيسرن سان بدتميزي ڪندڙ مبينا جوابدار کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، مبينا جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.ڪالهه، هڪ عورت پوليس آفيسر جي پٽ ڊفينس ۾ اسنيپ چيڪ دوران هڪ گاڏي کي روڪڻ تي پوليس آفيسر جو ڪالر پڪڙيو.ملزم پوليس سان بدسلوڪي ڪئي هئي ۽ ڊفينس ۾ جعلي نمبر پليٽ واري گاڏي کي روڪڻ تي گارڊن سان گڏ پوليس آفيسر تي حملو ۽ بدسلوڪي ڪئي هئي.نوٽيس وٺندي، ڊي آءِ جي سائوٿ ايس پي ڪلفٽن کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو.










