پورهيت تي ڪوڙو ڪيس داخل، بيمار والدين جو احتجاج

پورهيت تي ڪوڙو ڪيس داخل، بيمار والدين جو احتجاج

نوشھرو فيروز (ڊ . ر )ايس ايڇ او پاران ھڪ ڪلو چرس ۽ چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پورهيت جي والدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. مسمات ارباب خاتون مشوري  چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ مزدوري ڪندڙ منھنجو پٽ عبدالستار مشوري کي نوشھروفيروز ٿاڻي جي ايس ايڇ او حنيف مھر  بااثر ماڻھون جي  ونگار وھندي ھڪ ڪلو چرس ۽  چوري جو  ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ٿاڻي نوشھروفيروز تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي  مسمات ارباب خاتون  روئندي  ٻڌايو ته پوليس بااثر ماڻھن جي ونگار وھندي پھريان ھڪ ڪلو چرس جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ڪيس چالان  ڪيو ويو ۽  عدالت جي جج پاران انصاف ڏياريندي  ھڪ ڪلو چرس ۾ ضمانت کڻي ورتي ۽ بعد ۾ منھنجو پٽ ضمانت تي آزاد ٿيو ته ٻيھر نوشھروفيروز پوليس  بي گناھ گرفتار ڪري چوري جو ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي ۽ ان مٿان سخت تشدد کان علاوه   چوني وارو پاڻي نڪ ۽ وات ۾ وجھي ان مٿان ظلم ڪري رھيو آھي  ان تي زور ڀريو ته ڪجھ ماڻھن تي ڪوڙا نالا کڻي مٿان بيھي وڃ ۔ ھن چيو ته منھنجو پٽ بيگناھ آھي مزوري ڪري پيٽ گذر ڪيون ٿا افسوس آھي جو ڪوبه پوليس آفيسر ٻڌڻ لاء تيار نه آھي چيف جسٽس آف پاڪستان – چيف جسٽس آف سنڌ – آئي جي سنڌ ۔ ڊي آء جي شھيد بينظير آباد ۔ سيشن جج نوشھروفيرو _ ايس ايس پي نوشھروفيرو کي مطالبو ڪيو ته  منھنجي پٽ عبدالستار مشوري جي ڪوڙي ڪيس  داخل ڪيل جي انڪوائري ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو