اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مهانگائي جي ستايل عوام جي لاءِ تمام جلد خوشخبري سامهون ايندي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.پهرين نومبر کان ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ 2 کان 3 روپيه في ليٽر تائين پيٽرليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جون قيمتون تقريبن 1.5 ڊالر ۽ 2.5 ڊالر في بيرل گهٽ ٿيون آهن. موجوده ٽيڪس ريٽس ۽ مٽاسٽا جي حساب سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 3 روپيه ۽ 2 روپيه 30 پئسا في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي في بيرل قيمت 77.5 ڊالر جي مقابلي ۾ 76 ڊالر تي اچي وئي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في بيرل قيمت 86.5 ڊالر کان گهٽ ٿي 84 ڊالر في بيرل رڪارڊ ڪئي وئي.موجوده 15 ڏينهن جي دوران پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي امپورٽ پريميم 8.7 ڊالر ۽ 5 ڊالر في بيرل تي مستحڪم رهيو. ياد رهي ته هن وقت پيٽرول جي ايڪس ڊپو في ليٽر قيمت 247 روپيه 3 پئسا 7 ڊيزل جي ايڪس ڊپو قيمت 251 روپيه 29 پئسا في ليٽر آهن.










