لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مختلف شهرن ۾ شادي جي تقريب ۾ ڇت ڪرڻ ۽ فائرنگ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.پهريون واقعو فيصل آباد ۾ پيش آيو، جتي جڙانواله روڊ تي فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 1 پورهيت ملبي هيٺ دٻجي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب ڪارخاني جي ڇت ڪرڻ سبب 2 مزدور پڻ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن نارووال جي علائقي جھميون منهاسن ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو.نارووال پوليس موجب مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










