پنجاب ڪابينه ۾ واڌ تي غور شروع

پنجاب ڪابينه ۾ واڌ تي غور شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبائي ڪابينه ۾ 21 ميمبرن جي موجودگي جي باوجود واڌ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب صوبائي ڪابينه ۾ 4 کان 5 ميمبرن جي شموليت جو امڪان آهي جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ به 2 ڄڻن جي ڪابينه ۾ شموليت جو امڪان آهي.ذريعن موجب منشاءُالله بٽ، سلطان حيدر علي خان جا نالا ڪابينه ۾ شموليت جي لاءِ غور هيٺ آهن، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر رانا اقبال کي به ڪابينه ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.پنجاب ڪابينه ۾ واڌ جي حوالي سان حتمي فيصلو مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ صدر نواز شريف سان مشاورت کان پوءِ ڪيو ويندو. ياد رهي ته هن وقت مريم نواز ڪابينه ۾ هڪ سينئر وزير، 17 وزير هڪ صلاحڪار ۽ 2 خاص مددگارن سان گڏ ميمبرن جو انگ 21 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو